سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي

سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي

سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي

حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي (ڪتاب): ڊاڪٽر ايڊرين ڊيو آرٽ پاڪستان کان اڳ سنڌ جي ڪاليجن ۾ تاريخ جو پروفيسر رهيو هو. هن کي ننڍي کنڊ جي انگريز دؤر جي تاريخ تي وڏي مهارت حاصل هئي. خاص ڪري سنڌ سان انگريزن جي لاڳاپن جي تاريخ ۽ خود سنڌ ۾ انگريز دؤر جي تاريخ تي کيس خاص عبور حاصل هو. سنڌي ادبي بورڊ نون جلدن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مفصل خاڪو تيار ڪيو، هو ته انگريزن جي دور جي تاريخ ڊاڪٽر ڊيو آرٽ کي تاريخ جي اُن جلد جي ابتدائي خاڪي طور هن هڪ ڪتاب A History of British Relations with Sindh جي نالي سان تيار ڪيو. پر هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع نه ڪري سگهيو. بعد ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، وزيرِاعظم پاڪستان جي ذاتي دلچسپيءَ سان هي ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران 1976ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. هن ڪتاب ۾ انگريزن ۽ سنڌ جي تاريخي لاڳاپن تي (1613ع کان 1843ع) ڀرپور روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب نون (09) بابن ۾ تقسيم ٿيل آهي: (1) سنڌ ۾ شروعاتي واپار (مغل دؤر)، (2) واپار جي نالي ۾ سياسي مقصدن جي حاصلات، (3) فرانس جو ڊپ ختم پر پوءِ به سنڌ سان لاڳاپا ضروري، (4) انگريز- سنڌ لاڳاپا (1816ع-1826ع)، (5) سنڌ ۾ انگريز سياح (1827ع-1831ع)، (6) روسي ڊپ، ۽ سنڌ سان ڪاروبار (1825ع-1834ع)، (7) سنڌ ۾ سفارت خاني جو قيام، پهرئين افغان جنگ (1836ع-1839ع)، (8) افـغـان جـنـگ جي دور ۾ سنڌ سان لاڳاپا (1839ع-1842ع)، (9) اهي واقعا، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ طرف وٺي ويا. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري مترجم ۽ محقق عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ترجمي وقت ڪتاب جو نالو تبديل ڪري ’حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي‘ رکيو ويو. ان کانسواءِ اصل ليکڪ جي نالي جو اچار به درست قائم نه ٿي سگهيو ۽ ان کي ڊيو آرٽ جي جاءِ تي ’ڊيورٽي‘ لکيو ويو، جڏهن ته سنڌي زبان ۾ ترجمي ٿيڻ وقت ڪتاب جو نالو: ’سنڌ سان انگريزن جي لاڳاپن جي تاريخ‘ رکڻ کپندو هو. ڊيمي سائيز جي 426 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1999ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عمليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو